پشاور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. بلاول ڀٽو سندس گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت کيس انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته علي وزير کي پشاور مان گرفتار ڪيو ويو. علي وزير جو چوڻ هو ته گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي چڪو آهيان پوءِ به گرفتاري جي ڄاڻ ناهي، پوليس جو چوڻ آهي ته علي وزير کي سنڌ پوليس جي درخواست تي گرفتار ڪيو ويو آهي کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته علي وزير تي ڪراچي ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ جو ڪيس داخل آهي.










