ايف بي آر ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي

ايف بي آر ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس چورن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڇاپا هڻڻ لاءِ فيلڊ جوڙڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. اهي هدايتون وڏن واپارين پاران ٽيڪس نه ڏيڻ جون رپورٽون منظرعام تي اچڻ کان پوءِ انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۽ اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010 موجب ڪارروائين لاءِ نشاندهي به ڪئي وئي آهي.  ايف بي آر جي انٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر بشير الله خان جو چوڻ هو ته جوڙيل فيلڊ ٽيم کي ٽيڪس چورن، ٽيڪس فراد ڪندڙ، مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڏني وئي آهي. ٽيڪس چورن جي ڪراچي، فيصل آباد، لاهور ۽ ملتان کان نشاندهي ٿي آهي. ان کان علاوهه ان غير رجسٽرڊ ماڻهن خلاف به ڪارروايون تيز ڪيون وينديون جيڪو ٽيڪس ادائيگي جي قابل شيون ٺاهي رهيو آهي ان حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف ملتان هڪ ٽيم جوڙي آهي جيڪا پنهنجي حدن ۾ پلاسٽڪ جا پائيپ ۽ واٽر ٽينڪس ٺاهيندڙ غير رجسٽرڊ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي. ايف بي آر ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ اسڪينڊل کي بي نقاب ڪيو آهي جيڪو ادائيگي کان بغير غير رجسٽرڊ ٽيڪسٽائل يونٽس هلائي رهيو آهي. ٽيڪس ٽيم 4 ٽيڪسٽائل يونٽن تي ڇاپو هنيو آهي جيڪي صنعتي علائقن ۾ بغير سيلز ٽيڪس رجسٽريشن جي ڪم ڪري رهيا هئا. اهي يونٽس نه صرف ٽيڪس چوري ڪري رهيا هئا پر معروف ٽيڪسٽائل يونٽس جي سيل به لڪائڻ ۾ ان جي مدد ڪري رهيا هئا. ان کان علاوهه ٻين 3 ٽيڪسٽائل ملن ۾ 2 يونٽ ڪپڙي جي پيداوار ڪري رهيا هئا جنهن خلاف به قدم کنيو ويو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو