ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز 2026 لاءِ پاڪستان ٽي-20 ٽيم جي قيادت صاحبزاده فرحان کي سونپي وئي.هن حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چوڻ آهي ته ايشين گيمز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صاحبزاده فرحان ٽيم جي قيادت ڪندو. ايشين گيمز 2026 ۾ مردن جا ٽي-20 انٽرنيشنل مقابلا 24 سيپٽمبر کان جاپان جي شهر آئيچي (Aichi) ۾ شروع ٿيندا، جڏهن ته ايشين گيمز ۾ ڪرڪيٽ جي تمغن جا مقابلا 3 آڪٽوبر تي ٿيندا. پي سي بي جو چوڻ آهي ته 30 سالن جي صاحبزاده فرحان سان گڏ عبدالصمد نائب ڪپتان جون ذميواريون نڀائيندو. صاحبزاده فرحان پاڪستان پاران 46 ٽي-20 انٽرنيشنل ميچن ۾ 1305 رنز ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ 2 سينچريون ۽ 10 اڌ سينچريون (نصف سينچريون) شامل آهن. عاڪف جاويد، علي رضا، معاذ صداقت ۽ سعد مسعود پهريون ڀيرو پاڪستان لاءِ ٽي-20 انٽرنيشنل کيڏڻ جا منتظر آهن. ايشين گيمز جي اسڪواڊ جي 15 مان 14 رانديگر 15 جون کان لاهور ۾ شروع ٿيندڙ وائيٽ بال ڪيمپ جو به حصو هوندا.
قومي ٽيم جو اسڪواڊ
پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ ڪپتان صاحبزاده فرحان، نائب ڪپتان عبدالصمد، ابرار احمد، احمد دانيال، عاڪف جاويد، علي رضا، عرفات منهاس، حيدر علي ۽ حسن نواز شامل آهن. ان کان علاوه معاذ صداقت، محمد سلمان مرزا، سعد مسعود، صائم ايوب، سفيان مقيم ۽ عثمان خان به اسڪواڊ جو حصو آهن.










