ايسٽر اميد جي علامت ۽ خوشيون ورهائڻ جو تهوار آهي: محسن نقوي

ايسٽر اميد جي علامت ۽ خوشيون ورهائڻ جو تهوار آهي: محسن نقوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ايسٽر اميد جي علامت ۽ خوشيون ورهائڻ جو تهوار آهي،وفاقي گهرو وزير محسن نقوي عيسائي برادري کي ايسٽر جي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته ايسٽر عيسائي برادري لاءِ انعام آهي ۽ هي مذهبي تهوار پيار ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي، وفاقي گهرو وزير چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليمات انسانيت، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿيون،هن چيو ته عيسائي برادري پاڪستان تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ اڄ عيسائي برادري به ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي،محسن نقوي وڌيڪ چيو ته پياري وطن لاءِ عيسائي برادري جي محبت شڪ کان بالاتر آهي، اسان کي ڀائيچاري ۽ اتحاد جو پيغام پکيڙڻ جو عزم ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو