تحران (ويب ڊيسڪ)ايراني اختيارين هڪ مشهور اصلاح پسند اڳواڻ ۽ ٻن مشهور فلم سازن کي قومي سلامتي جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني حڪومت اڳوڻي نائب گهرو وزير ۽ اصلاح پسند اڳواڻ مصطفيٰ تاجزاده کي قومي سلامتي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪوڙ ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ان کان علاوه ٻه مشهور ايراني فلم ساز، محمد رسولوف ۽ سندس ساٿي مصطفيٰ الاحمد، هڪ حڪومت مخالف گروپ ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ڏوهن سان رابطن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب مصطفيٰ تاجزاده حڪومت جو سخت تنقيد جو نشانو بڻيو آهي ۽ چيو آهي ته ايٽمي معاهدي جي بحالي لاءِ جاري ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ان جو ذميوار آيت الله خامنه اي کي قرار ڏنو وڃي. گذريل هفتي هڪ ٽوئيٽ ۾ تاجزاده لکيو ته موجوده خراب معاشي صورتحال ۽ عوامي عدم اطمينان ايٽمي معاهدي جي بحالي ۾ ناڪامي تي تباهه ڪندڙ اثر ڇڏي سگهي ٿو ۽ ان جي بنيادي ذميواري ليڊر تي آهي.










