آمريڪي ميڊيا موجب، وائٽ هائوس اختيارين جو ٻڌائڻ آهي ته ايران آمريڪا يادداشت نامي تي عملدرآمد بابت شروعاتي مذاڪرات لاءِ جي ڊي وينس اڄ سوئٽزرلينڊ روانو نه ٿيندو. وائٽ هائوس موجب، انهن مذاڪرات جا انتظام (لاجسٽڪس) هميشه پيچيده ۽ اڻڄاتل رهيا آهن، في الحال آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اڄ روانو نه پيو ٿئي. وائٽ هائوس جي ترجمان چيو ته جئين ئي ڪا پڪي اڳڀرائي ٿيندي ته ايندڙ قدمن بابت آگاهه ڪيو ويندو آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس سوئٽزرلينڊ جي روانگي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. وائٽ هائوس جي ترجمان موجب، في الحال نائب صدر اڄ رات روانو نه پيو ٿئي، اسان فني (ٽيڪنيڪل) مذاڪرات جلد شروع ڪرڻ جا منتظر آهيون. ايران معاهدي تي مذاڪرات لاءِ آمريڪي نائب صدر جي اڄ سوئٽزرلينڊ روانگي متوقع هئي.
اسرائيل ۽ حزب الله جا هڪٻئي تي حملا، 18 لبناني ۽ 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا
ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان ويڙهه دوران اسرائيل جي چئن فوجين جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان جهيڙن دوران ان جا چار فوجي مارجي ويا آهن۔ اسرائيلي اختيارين موجب اهي هلاڪتون خميس جي رات ٿيل فوجي ڪاررواين دوران پيش آيون۔ اسرائيلي فوج جي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جمعي جي صبح هڪ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ اسرائيلي فوج جو هڪ ريزرو آفيسر سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٽي ريزرو نان ڪميشنڊ آفيسر ۽ هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر معمولي زخمي ٿيا آهن۔ لبنان جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ٻڌايو آهي ته ملڪ جي ڏکڻ ۾ واقع شهرن شرقيا، حروف، ڪفر رمان، ڪفر جوز ۽ ڪفر صير تي اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا مارجي ويا آهن۔ اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته حزب الله جنگ بندي جي ڪيترين ئي کليل ڀڃڪڙين جي ذميوار آهي۔ بيان موجب، “حزب الله بار بار اهو ظاهر ڪيو آهي ته اها جنگ بندي جي پابند نه آهي، پر علائقي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي۔” اسرائيل جي انتهائي ساڄي ڌر سان تعلق رکندڙ قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوئر جمعي ڏينهن لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي چئن فوجين جي مارجي وڃڻ واري اعلان کان پوءِ چيو ته، “سڄي لبنان کي ساڙي ڇڏڻ گهرجي۔” هن پنهنجي بيان ۾ چيو، “آمريڪين جي احترام سان، اسرائيل کي سڄي دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي ته اسان جي ٻارن جي رت ۽ اسان جي شهرين جي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نٿو .ڪري سگهجي۔ سڄو لبنان ساڙي ڇڏڻ گهرجي”
اسرائيل عزه جنگبندي تي عمل ڪري فوجي قبضا بند ڪيا وڃن، چين
گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فو ڪونگ اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته هو غزه ۾ گذريل آڪٽوبر کان آمريڪي ثالثي سان لاڳو ٿيل “جنگ بندي” جي ڀڃڪڙي ڪرڻ بند ڪري، جيئن ته چين جي سرڪاري خبرون ايجنسي شنهوا رپورٽ ڪيو آهي۔ غزه جي انساني صورتحال بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي فو ڪونگ چيو ته چين غزه ۾ اسرائيل طرفان فوجي قبضي جي مسلسل توسيع کي انتهائي ڳڻتي سان ڏسي رهيو آهي۔ شنهوا جي رپورٽ موجب چين سڀني لاڳاپيل ڌرين، خاص طور تي اسرائيل، کان مطالبو ڪري ٿو ته هو جنگ بندي واري معاهدي تي مڪمل طور عمل ڪن ۽ اهڙن غير ذميواراڻن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جو سبب بڻجن ٿا۔
صدر ٽرمپ خلاف بيان ڏيندڙ اسرائيلي وزيرن کي هوش ڪرڻ گهرجي، جي ڊي وينس
ايران سان جنگ جي معاملي تي آمريڪي صدر بعد نائب صدر طرفان به اسرائيل تي ڪيل تنقيد کي ڪجهه ماهر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ اختلافن ۽ فاصلي جي نشاني قرار ڏئي رهيا آهن۔ 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف حملي کان وٺي جنگ بندي تائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي موجود هئي، پر اپريل ۾ جنگ بندي ٿيڻ، ان دوران ٿيندڙ ڳالهين ۽ هاڻي 14 نڪاتي مفاهمتي يادداشت تي اسرائيل پنهنجا تحفظات ظاهر ڪيا آهن۔ جي ڊي وينس چيو آهي ته اسرائيل کي ايران جنگ دوران وڏي پيماني تي آمريڪا هٿيار فراهم ڪيا جيڪي آمريڪا جي هنرمندن ٺاهيا ۽ اسانجا پيسا خرچ ٿيا هئا. هاڻي هو لبنان ۾ جنگبندي جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. اسان کي بيگناهه شهرين جو قتل قبول ناهي. هن چيو ته جيڪي اسرائيل جا وزير دنيا جي سپر پاور ۽ اسرائيل جي وڏي حمايتي ملڪ جي صدر خلاف بيان ٿا ڏين، انهن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. ياد رهي ته اسرائيل جي وزيرن چيو هو ته هو صدر ٽرمپ جي معاهدي جا پابند ناهيون ۽ اسرائيل پنهنجي قومي سلامتي جا فيصلا پاڻ ڪندو.
معاهدي جي خلاف ورزي جي صورت ۾ تباهه ڪن جواب ڏينداسين، قاليباف
ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ آمريڪا سان ڳالهين ۾ ايراني وفد جي سربراهه محمد باقر قاليباف چيو آهي ته هو ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي سان منسوب بيان جي جواب ۾ “رهبرِ اعليٰ جي حڪمن جا پابند” آهن۔ قاليباف ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته رهبرِ اعليٰ کين اها ذميواري سونپي آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته معاهدي جي شرطن ۽ شقن تي مڪمل عملدرآمد ٿئي۔ ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايران جي رهبرِ اعليٰ سان منسوب هڪ پيغام نشر ٿيو هو، جنهن موجب هنن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني هئي۔ بهرحال، هنن اهو به چيو ته صدر مسعود پزشڪيان کين ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا حد کان وڌيڪ مطالبا ڪندو ته ايران انهن کي قبول نه ڪندو۔ قاليباف چيو ته جيڪڏهن ٻئي ڌر طرفان “معاهدي جي ڀڃڪڙي يا حد کان وڌيڪ مطالبا” ڪيا ويا ته ايران تباهه ڪندڙ جواب ڏيڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندو۔ هن آمريڪا سان جنگ ۾ حاصل ڪيل فتح ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “جيڪڏهن اهي ٻيهر ساڳئي رستي تي هلڻ چاهين ٿا ته کين ان کان به وڌيڪ سخت ڌڪ رسندو۔”.
طئي ٿيل پروگرام موجب آمريڪا ايران مذاڪرات نه ٿيندا: سوئس پرڏيهي وزارت
سوئس پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته جمعي تي طئي ٿيل پروگرام موجب برجنسٽاڪ ۾ آمريڪا ۽ ايران جا مذاڪرات نه ٿيندا. ٻئي طرف وائٽ هائوس اختيارين جو ٻڌائڻ آهي ته ايران آمريڪا يادداشت نامي (ايم او يو) تي عملدرآمد بابت شروعاتي مذاڪرات لاءِ جي ڊي وينس اڄ سوئٽزرلينڊ روانو نه ٿيندو.
آمريڪا حزب الله سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ ڪمپنين تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون
آمريڪا لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ ڪمپنين تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. آمريڪي ناڻي کاتي (محڪمه خزانه) موجب، حزب الله لاءِ فنڊ گڏ ڪندڙ ماڻهن ۽ ڪمپنين تي پابنديون لڳايون ويون آهن، حزب الله کي غير مسلح ڪرڻ لبنان جي امن لاءِ ضروري آهي. حزب الله جي سياسي ڪائونسل جي نائب سربراهه محمود قماطي تي پڻ پابنديون لڳايون ويون آهن، مٿس ايران مان رقم منتقل ڪرڻ جو الزام آهي. آمريڪي ناڻي کاتي جو چوڻ آهي ته لبناني سياسي پارٽي “مارادا موومينٽ” جي سربراهه سليمان فرنجيه تي به پابنديون لڳايون ويون آهن، مٿس حزب الله جي سياسي اتحاد جي حمايت جو الزام آهي. پابندين تحت نامزد ماڻهن جا آمريڪي اثاثا منجمد ڪيا ويندا ۽ پابندين جي ڀڃڪڙي تي آمريڪي توڙي غير ملڪي ادارن کي سزا ٿي سگهي ٿي.
آمريڪا پاران ايران کي 300 ارب ڊالرن جي ادائيگي نه پئي ٿئي، اها ڪوڙي خبر آهي: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا پاران ايران کي 300 ارب ڊالرن جي ادائيگي نه پئي ٿئي، اها ڪوڙي (فيل) خبر آهي، ڊيموڪريٽس جو پروپيگنڊا هلي رهيو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ “ٽروٿ سوشل” تي بيان جاري ڪندي چيو ته مذاڪراتي ڪوششن ۾ اڳڀرائي لاءِ مڊل ايسٽ (مشرق وسطيٰ) جون سڀئي ڌريون پنهنجي عزم تي قائم رهن. ٽرمپ چيو ته عالمي مارڪيٽون تيل جي قيمتن ۾ ڪمي ۽ اسٽاڪس ۾ واڌ کي پسند ڪري رهيون آهن، آمريڪا لاءِ اها ڪاميابي آهي ته تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن ۽ فتح حاصل ٿي رهي آهي.
آبنائي هرمز مان گذرڻ لاءِ اجازت ناما جلد جاري ڪنداسين، 60 ڏينهن تائين درخواست گذارن کان ڪا به فيس نه ورتي ويندي: ايران
ايران چيو آهي ته آبنائي هرمز مان گذرڻ لاءِ اجازت ناما جلد کان جلد جاري ڪيا ويندا. ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل موجب، خليج فارس اسٽريٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها آبنائي هرمز مان گذرڻ جي خواهشمند تجارتي جهازن لاءِ اجازت ناما تيزيءَ سان جاري ڪري. نيم سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري “تسنيم نيوز ايجنسي” موجب، اٿارٽي جي انتظاميا کي حڪم ڏنو ويو آهي ته درخواستن تي فوري ۽ ترجيحي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن يادداشت نامي جا مقصد پورا ٿي سگهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 60 ڏينهن تائين درخواست گذارن کان ڪا به فيس نه ورتي ويندي. ايراني سپريم سيڪيورٽي ڪائونسل چيو ته آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگهن جي صفائي جا قدم “اسلام آباد معاهدي” تحت ڪيا ويندا.










