ايران پاڪستانين جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏئي

ايران پاڪستانين جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏئي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف مطالبو ڪيو آهي ته ايراني حڪومت پاڪستانين جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سخت سزا ڏئي ۽ اهڙي وحشياڻي قدم جا سبب عوام جي سامهون آڻي.وزيراعظم محمد شهباز ايران جي صوبي سيستان جي علائقي مهرستان ۾ 8 پاڪستانين جي وحشياڻي قتل تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي.هن ايراني زمين تي پاڪستانين جي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور خطي ۾ موجود سمورن ملڪن جي لاءِ تباهي آڻيندڙ آهي. خطي ۾ موجود ملڪن کي گڏجي دهشتگردي جي خلاف گڏيل حڪمت عملي تي عمل ڪرڻو پوندو.وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي پاڪستانين جي گهر ڀاتين سان رابطو ڪرڻ ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي انهن جي ميتن جي باحفاظت واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو