ڪراچي (ايڊيٽر ڊيسڪ)ايران مٿان اپريل ۾ ڪيرايل آمريڪي فائٽر ايف 15 جنگي جهاز جي پائلٽ، جنهن کي بعد ۾ خاص فوجي دستن بچائي ورتو هو، جهاز مان ٽپو ڏيڻ کان اڳ هڪ حيران ڪندڙ منظر ڏسڻ جو بيان ڏنو آهي. سي اين اين جي رپورٽ موجب معاملي کان واقف چئن ذريعن کين ٻڌايو ته پائلٽ ڏٺو ته ڪيترائي ايراني ڊرون هوا ۾ معلق هئا ۽ گڏيل انداز ۾ اهڙي ترتيب سان هلي رهيا هئا، جيڪا ڪنهن جيلي فش جهڙي لڳي رهي هئي.
هي بيان، جيڪو اڳ ڪڏهن به منظرعام تي نه آيو هو، ايف-15 پائلٽ حادثي کان پوءِ جاچ ڪندڙ انٽيليجنس آفيسرن سان بريفنگ دوران شيئر ڪيو. ان کان پوءِ آمريڪي انٽيليجنس برادري اندر سخت بحث شروع ٿي ويو، جيڪو اڃا تائين ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهتو آهي.
جيڪڏهن پائلٽ واقعي اهو ئي ڏٺو هو جيڪو هن بيان ڪيو ــ يعني ڊرونز جو هڪ اهڙو جٿو جيڪو مڪمل هم آهنگي سان گڏجي هلي رهيو هو ــ ته پوءِ اها ايران جي ڊرون صلاحيتن ۾ هڪ انتهائي خطرناڪ صلاحيت ۽ وڏي اڳڀرائي سمجهي ويندي.
پائلٽ جي بيان کان واقف هڪ ذريعي سي اين اين کي ٻڌايو:
“ڪيترائي ڊرون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا ۽ هڪ ئي جسم وانگر حرڪت ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ننڍا ڊرون وڏن ڊرونز جي هيٺان ٽنگن وانگر نظر اچي رهيا هئا. اهو بلڪل ڪنهن خلائي مخلوق جهڙي شيءِ لڳي رهيو هو.” هڪ ٻئي ذريعي CNN کي ٻڌايو ته پائلٽ هوا ۾ “ڊرونز جو بارودي ميدان” ڏسڻ جو ذڪر ڪيو.
جيتوڻيڪ ايف-15 جهاز ڪيرائڻ جو صحيح سبب اڃا جاچ هيٺ آهي، شروعاتي رپورٽن موجب امڪان ظاهر ڪيو ويو ته شايد ڊرونز جي انهيءَ ترتيب ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ايران کي آمريڪي جهاز ڪيرائڻ ۾ مدد ڏني هجي.
ايف-15 ۾ ٻه ڄڻا سوار هئا: هڪ پائلٽ ۽ هڪ هٿيارن جي نظام جو آفيسر. آمريڪي فوج فوري طور ڳولا ۽ بچاءَ جي ڪارروائي شروع ڪئي هئي. ايف-15 جو ڪيرائڻ ان جنگ دوران پهريون موقعو هو جڏهن ايران مٿان ڪنهن آمريڪي جهاز کي ڪيرايو ويو.
پائلٽ کي جهاز مان ٽپو ڏيڻ کان ڪجهه ڪلاڪن اندر بچايو ويو، جڏهن ته هٿيارن جي نظام وارو آفيسر هڪ ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين جبلن ۾ لڪي ايراني گرفتاري کان بچندو رهيو ۽ پوءِ کيس به بچايو ويو. اهو واضح ناهي ته ڇا هن آفيسر به ڊرونز جي اها ترتيب ڏٺي هئي يا نه.
بچاءَ واري آپريشن دوران هڪ ٻيو آمريڪي جهاز، اي-10، پڻ ڪيرايو ويو، پر ان جو پائلٽ ايراني فضائي حدن کان ٻاهر محفوظ نموني ٽپو ڏئي بچي ويو.
آمريڪي انٽيليجنس آفيسرن ۾ ان ڳالهه تي اختلاف پيدا ٿي ويو ته پائلٽ جي بيان کي ڪيئن سمجهيو وڃي ۽ ڇا هو واقعي، واقعي کي صحيح نموني بيان ڪرڻ جي حالت ۾ هو يا نه.
هڪ سبب اهو به هو ته حادثي ۾ کيس دماغي ڌڪ (Concussion) لڳو هو. اهو ايران واري جنگ دوران ٻيو ڀيرو هو جڏهن سندس جهاز ڪيرايو ويو. ذريعن موجب، جنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪويتي فوج جي هڪ “فرينڊلي فائر” واقعي ۾ به سندس 3 جهاز حادثي جو شڪار ٿيا هئا.
انٽيليجنس ادارن اندر سوال اٿيا ته ڇا هن آمريڪي انٽيليجنس کان اڻڄاتل ڪا ترقي يافته صلاحيت ڏٺي هئي؟ ڇا اهو صرف آزمائشي مرحلو هو؟ يا وري ريگستان ۾ ڪنهن سراب جو اثر هو؟
جاچ ڪندڙ آفيسرن مان هڪ پائلٽ کان پڇيو: “ڇا توهان کي پڪ آهي ته توهان واقعي اهو ئي ڏٺو هو جنهن جي توهان ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟”
آمريڪي هوائي فوج سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ معاملو سينٽڪام ڏانهن موڪليو، پر ان سڌي ريت تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو. جڏهن ته نيشنل انٽيليجنسجي ڊائريڪٽر جي آفيس پڻ تبصري جي درخواست جو جواب نه ڏنو.
ايران جي ڊرون پروگرام بابت اهي سوال اهڙي وقت اڀري رهيا آهن جڏهن آمريڪا ۽ ايران جنگ جي خاتمي لاءِ هڪ معاهدي تي ڳالهين ۾ مصروف آهن. گذريل هفتي جنگبندي کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 60 ڏينهن جي ڳالهين جو مرحلو شروع ٿيو آهي.
انهن ڳالهين جو مرڪز ايران جو جوهري پروگرام هجڻ جو امڪان آهي، پر ٻنهي ڌرين طرفان ٻين ڪيترن ئي معاملن کي به بحث هيٺ آندو ويو آهي.
ذريعن موجب، پائلٽ پاران بيان ڪيل خاص ڊرون صلاحيت بابت آمريڪي انٽيليجنس ادارن اڳ ڪڏهن به اندازو نه لڳايو هو ته ايران وٽ اهڙي صلاحيت موجود آهي. بهرحال، مختلف رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران کي پنهنجي ڊرون ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ چين ۽ روس کان مدد ملي رهي آهي.
پائلٽ پاران بيان ڪيل صلاحيت جو فني نالو “ون-ٽو-ميني ميشڊ نيٽ ورڪنگ” (One-to-Many Meshed Networking) آهي.
عام طور تي ميشڊ نيٽ ورڪنگ هڪ آپريٽر کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ڊرونز کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي.
ماهرن جو خيال آهي ته روس ۽ چين وٽ اڳ ئي اهڙي صلاحيت موجود آهي. ايران جي اڳ ئي ترقي يافته ڊرون جنگي پروگرام ۾ ڪنهن به نئين واڌاري سان آمريڪي فوجن ۽ خطي ۾ موجود انهن جي اتحادي ملڪن لاءِ ڳڻتي پيدا ٿي سگهي ٿي.
هڪ آمريڪي آفيسر نشاندهي ڪئي ته نظرياتي طور تي ميشڊ نيٽ ورڪنگ کي انهن ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو، جتي موجوده انفراسٽرڪچر موجود نه هجي.
ايران هن ڪيترن هفتن تي مشتمل تڪرار دوران آمريڪي، اسرائيلي ۽ ويجهن خليجي ملڪن جي فوجن خلاف پنهنجي حملا ڪندڙ ڊرونز کي هڪ غير روايتي (Asymmetric) هٿيار طور وڏي پيماني تي استعمال ڪيو.
ڊرون جنگ ۽ دفاعي جديدڪاري جي ماهر ايما بيٽس، جيڪا ڪمپني Cachai جي باني آهي، CNN سان ڳالهائيندي چيو: “اسان کي اهڙي صلاحيت کان بچاءَ لاءِ تمام گهڻو پئسو ۽ وسيلا خرچ ڪرڻا پوندا، جيڪا پاڻ ۾ اهڙي هم آهنگي پيدا ڪري سگهي.”
هن وڌيڪ چيو: “جيڪڏهن ڊرون پاڻ کي ڪنهن سڃاڻپ لائق شڪل ۾ ترتيب ڏئي سگهن ٿا، انهيءَ شڪل کي برقرار رکي سگهن ٿا، انهن وٽ ڌماڪيدار مواد به موجود هجي، ۽ پهرئين حملي کان پوءِ بچيل هدفن تي ٻيهر حملو ڪرڻ لاءِ وسيلا به محفوظ رکندا هجن، ته پوءِ اها هڪ انتهائي طاقتور ۽ مؤثر جنگي حڪمت عملي هوندي.”










