ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا اڱاري تي دير سان لڳاتار يارهين رات به ايران تي بمباري ڪئي، جڏهن ته تهران آمريڪا کي خبردار ڪيو ته هو ان جي ايٽمي تنصيبات کي نشانو نه بڻائي، ان ڏس ۾ ايران عالمي برادري تي به زور ڀريو ته هو ان معاملي جو نوٽيس وٺي.سينٽڪام چيو ته انهن حملن جو مقصد “هرمز ۾ واپاري جهازن لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ جي ايران جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ” آهي.ايراني سرڪاري ميڊيا موجب راڄڌاني تهران ۾ هوائي دفاعي نظام فعال ڪيو ويو۔ تبريز، چابهار، ڪنارڪ ۽ بوشهر ۾ به ڌماڪن جون خبرون مليون، جتي ايران جو واحد ايٽمي بجلي گهر موجود آهي. صدر ٽرمپ چيو آهي ته ايران هرمز مان گذرندڙن جهازن تي حملا بند نه ڪيا ته هو ايران جي انڊر گرائونڊ ايٽمي گهر “پڪ ايڪس مائونٽن” تي تمام وڏو حملو ڪندو. ايران، خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا نطنز ويجهو زير زمين ايٽمي مرڪز تي حملو ڪري ٿو ته ان جا سخت نتيجا نڪرندا. ايران ۽ آمريڪا اپريل ۾ جنگبندي تي متفق ٿيا هئا، پر گذريل هفتي هرمز جي اهم سامونڊي رستي جي ڪنٽرول بابت تڪرار سبب ٻيهر ويڙهه شروع ٿي وئي. آمريڪا ايران تي اهو الزام پڻ لڳايو ته هن گذريل ٽن مهينن دوران هرمز مان گذرندڙ “30 کان وڌيڪ واپاري جهازن” تي حملا ڪيا آهن.
ٽرمپ پاران سعودي سان ايٽمي معاهدي جي منظوري
وال اسٽريٽ جرنل موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب سان هڪ اهڙي ايٽمي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت سعودي عرب کي بين الاقوامي نگراني جي مشهور “گولڊ اسٽينڊرڊ” شرطن کي مڪمل طور قبول ڪرڻ کان سواءِ به شهري مقصدن لاءِ ايٽمي ري ايڪٽرن جي ٻارڻ کي پاڻ مالا مال (يورينيم افزودگي) ڪرڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي. اها ڄاڻ ٻن آمريڪي عملدارن ۽ معاملي کان واقف هڪ ذريعي ڏني آهي. ذريعن موجب هي معاهدو 30 سالن لاءِ هوندو، ۽ امڪان آهي ته ان جو اعلان اربع ڏينهن ئي ڪيو وڃي. هڪ آمريڪي عملدار ٻڌايو ته ان تحت آمريڪي ڪمپنيون سعودي عرب جي ايٽمي پروگرام جي ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ فني مهارت فراهم ڪنديون. سعودي عرب کي ايٽمي ٽيڪنالاجي تائين رسائي ڏيڻ وارو ڪو به معاهدو آمريڪا اندر ۽ وچ اوڀر جي علائقي ۾ تڪراري ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايٽمي ٻارڻ کي مالا مال (يورينيم افزودگي) ڪرڻ جي صلاحيت نظرياتي طور مستقبل ۾ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي راهه هموار ڪري سگهي ٿي. ٽرمپ انتظاميا اعلان کان پوءِ اهو معاهدو آمريڪي ڪانگريس ڏانهن منظوري لاءِ موڪلڻ واري آهي. سي اين اين اڳ ۾ رپورٽ ڏني هئي ته ايران سان جنگ بابت خدشن ۽ ڪانگريس طرفان ممڪن مخالفت سبب هي معاهدو ڪيترن ئي مهينن تائين التوا ۾ پيل رهيو. رپورٽ موجب، يورينيم جي افزودگي جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي گڏيل ٽيم اهو جائزو وٺندي ته ڇا اهڙي منصوبي جي ضرورت موجود آهي ۽ ڇا اهو تجارتي طور قابلِ عمل آهي يا نه. ان کان پوءِ آمريڪي ماهر افزودگي جي سهولت (فيڪلٽي) تعمير ڪندا، پر ان دوران حساس ايٽمي ٽيڪنالاجي سعودي عرب کي منتقل نه ڪئي ويندي. ياد رهي ته سعودي ولي عهد اڳ م چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ايران ايٽمي هٿيار ٺاهيا ته سعودي عرب به ٺاهيندو.
پاڪستاني جهنڊي واري جهاز خلاف قدم کنيو ته حوثين خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي، ترجمان
پاڪستان حوثي مليشيا کي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستاني جهنڊو کڻي هلندڙ جهازن يا پاڪستان جي سامونڊي مفادن خلاف ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي کي پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ خودمختيار مفادن لاءِ سنگين خطرو سمجهيو ويندو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، “گڏيل قومن جي منشور ۽ بين الاقوامي قانون موجب، پاڪستان کي پنهنجي سامونڊي تنصيبات ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ حقِ دفاع تحت سمورا ضروري قدم کڻڻ، جن ۾ قانون موجب طاقت جو استعمال پڻ شامل آهي، جو مڪمل حق حاصل آهي.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، “پاڪستان حوثي مليشيا طرفان سعودي عرب ۽ بحيره احمر ۾ واپاري جهازراني خلاف ڏنل ڌمڪين جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.” پرڏيهي آفيس موجب اهڙا قدم علائقائي سلامتي لاءِ خطرو آهن، جهازراني جي آزادي کي متاثر ڪن ٿا، ضابطن تي ٻڌل عالمي سامونڊي نظام کي چئلينج ڪن ٿا ۽ عالمي واپار جي بنا رڪاوٽ وهڪري کي خطري ۾ وجهن ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، “واپاري جهازراني ۽ سعودي عرب سان واپار خلاف ڌمڪيون ناقابلِ قبول آهن ۽ اهي بين الاقوامي قانون جي تسليم ٿيل اصولن جي ڀڃڪڙي آهن.” پرڏيهي آفيس موجب، “پاڪستان کي خاص طور تي انهن اطلاعن تي ڳڻتي آهي، جن موجب سعودي عرب سان قانوني واپاري سرگرمين ۾ مصروف جهازن کي ڌمڪين جو نشانو بڻايو پيو وڃي.” بيان ۾ چيو ويو آهي ته، “پاڪستان وچ اوڀر جي تڪرار ۾ سعودي عرب کي گهلي آڻڻ جي ڪوششن تي پڻ گهري ڳڻتي ظاهر ڪري ٿو ۽ سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي اٽل حمايت جو ٻيهر اظهار ڪري ٿو.” پرڏيهي آفيس موجب، “ڳالهين، سفارتڪاري ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي پنهنجي مضبوط عزم تي قائم رهندي، پاڪستان سڀني ڌرين کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي بين الاقوامي قانون جو احترام ڪن ۽ عالمي سامونڊي جهازراني جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائين.” واضح رهي ته يمن جي حوثي گروهه ملڪ جي اتر اولهه واري علائقي جي بندرگاهن ۽ هوائي اڏن جي مبينا ناڪابندي جي جواب ۾ سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اها فوري طور تي لاڳو ٿيندي. اهو اعلان حوثي گروهه جي فوجي ترجمان طرفان ڪيو ويو، جنهن وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا. البت حوثي ميڊيا سان لاڳاپيل عملدارن جو چوڻ آهي ته هو سعودي جهازن لاءِ باب المندب جي سامونڊي لنگهه کي بند ڪري رهيا آهن، جنهن کي بحيره احمر جو ڏاکڻو دروازو سمجهيو ويندو آهي. ياد رهي ته ڪالهه سعودي جا 2 تيل بردار جهاز ڌمڪين بعد واپس ڪيا ويا هئا، جن مان هڪ پاڪستان لاءِ تيل کڻي اچي رهيو هو.
عرب ملڪن پاران ايران جي حملن کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ
ڪويت جي فوج اربع جي صبح سوير ٻڌايو ته سندس هوائي دفاعي نظام ايران کان ايندڙ ڊرون حملن کي روڪڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته بحرين ۽ اردن پڻ ڊرون ۽ ميزائل حملا ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ڪويت جي سمنڊ جي کاري پاڻي کي پيئڻ جوڳو بنائيندڙ پلانٽ ۽ پاور هائوس تي حملا ڪيا هئا.
حوثي باغين کي آمريڪا ۽ سعودي عرب جو چتاءُ
برطانوي سامونڊي خطري جي نگراني ڪندڙ اداري وينگارڊ موجب، حوثين جي اعلان کان پوءِ سعودي عرب جي ينبع بندرگاهه تان چين ۽ ڀارت ڏانهن ويندڙ سعودي خام تيل سان ڀريل ٻه ٽينڪر اڱاري ڏينهن پنهنجو رخ بدلائي سوئيز ڪئنال ڏانهن روانا ٿي ويا. حوثين جي هن ڌمڪي سان عالمي سامونڊي واپار ۾ وڌيڪ خلل پوڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ جاري ڇڪتاڻ اڳ ئي عالمي تيل جي قيمتن ۾ وڏي اُٿل پُٿل جو سبب بڻجي چڪي آهي، خام تيل 90 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. صدر ٽرمپ ۽ سعودي عرب ڌار ڌار جاري بيانن ۾ حوثي باغين کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن باب المندب بند ٿيو ته هو ڀرپور جوابي ڪاروائي ڪندا.
ايران خلاف جنگ جو خرچ ساڍا 37 ارب ڊالر ٿي ويو، جلد پيسا منظور ڪريو، هيگسيٿ
آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته ايران سان جنگ آمريڪا کي هينئر تائين تقريباً 37.5 ارب ڊالر جو خرچ پئجي چڪي آهي، جيڪو مئي جي آخري اندازي کان لڳ ڀڳ 8 ارب ڊالر وڌيڪ آهي. سينيٽ جي مختص ڪيل بجيٽ واري ڪميٽي آڏو پيش ٿيندي هيگسيٿ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن قانونسازن تڪڙي مالي مدد جي منظوري نه ڏني ته فوجي تربيت جي پروگرامن کي محدود ڪرڻو پوندو.










