ايران آمريڪا ڇڪتاڻ، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو

ايران آمريڪا ڇڪتاڻ، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ تقريبن 9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت 9.1 سيڪڙو وڌي 82.90 ڊالر في بيرل ٿي وئي.ڊبليو ٽي آءِ خام تيل جي قيمت پڻ 9.1 سيڪڙو وڌي 77.87 ڊالر في بيرل ٿي وئي. اهو اضافو تڏهن ٿيو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني بندرگاهن تي آمريڪي بحري بندش جي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ٻئي ملڪ حملا جاري رکيا.ماهرن موجب، قيمتن ۾ هي اهم اضافو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ آبنائي هرمز جي ڪنٽرول تي وڌندڙ تڪرار جي ڪري ٿيو، ڇاڪاڻ ته هي آبي رستو دنيا ۾ خام تيل جي نقل و حمل لاءِ تمام اهم سمجهيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو