ايران آمريڪا ڇڪتاڻ سبب  تيل عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگو

ايران آمريڪا ڇڪتاڻ سبب تيل عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا پاران ايران ۾ تازن حملن کانپوءِ هرمز جي ٻيٽ (آبنائي هرمز) ذريعي توانائي جي رسد ۾ وڌيڪ رڪاوٽ جي خدشن سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن به اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري “رائٽرز” موجب، برينٽ خام تيل جي قيمت 0.4 سيڪڙو واڌ سان 85.28 ڊالر في بيرل ۽ ڊبليو ٽي آءِ (WTI) جي قيمت 0.5 سيڪڙو وڌي 80.02 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نار جي ملڪن (خليجي ملڪن) مان تيل جي برآمدات محدود رهي ته برينٽ خام تيل جي قيمت 110 ڊالر في بيرل کان به وڌي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو