ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڀ چور گڏجي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مون کي ۽ منهنجي پارٽي کي عوام ۾ گندو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهي گنديون گنديون وڊيوز تيار ڪري رهيا آهن. ننڪانه صاحب ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سازش ذريعي حڪومت کي ڪيرايو ويو، اسان جي حڪومت ان ڪري ڪيرائي وئي ته ڪنهن جي غلامي لاءِ تيار نه هئاسين، حڪومت جي مهرباني جو سائفر کي سامهون آندو ويو، ڪميشن ضرور ٺهندي پر توهان نه ٺاهيندئو، جڏهن به ڪميشن ٺهي حقيقت سڀني جي سامهون اچي ويندي. هن چيو ته اهي گهر ۾ ويهي نئين ٽيڪنالاجي ذريعي وڊيوز ۽ آڊيو ٽيپ تيار ڪري رهيا آهن، ڊيپ فيڪ وڊيو عوام کي ڏيکارينداسين، اهي پاڻ بچائڻ لاءِ اهو سڀ ڪري رهيا آهن پر پوءِ به پاڻ کي نه بچائي سگهندا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم آفيس ۽ ان جي گهر جي سيڪيور لائن ڪنهن ٽيپ ڪئي ۽ ليڪ ڪيئن ٿي؟ جيڪڏهن توهان وزيراعظم جي ڪالز جي سرويلنس ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪيو پر انهن کي ليڪ ڪرڻ ڏوهه آهي، مان عدالت وڃي رهيو آهيان پتو لڳائيندس ته ڪهڙيون ايجنسيون ائين ڪري رهيون آهن.عمران خان چيو ته دشمنن جهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، ڇا به ڪيو پر عوام جي سمنڊ کي نٿا روڪي سگهو، پاڪستان ۾ ايندڙ انقلاب کي ڪير نٿو روڪي سگهي.










