اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اين اي 122 ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اياز صادق جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ اين اي 122 ۾ ٻيهر چونڊ خلاف اياز صادق جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2013ع ۾ قومي اسيمبلي جو مدو ختم ٿي چڪو آهي، جنهن تي اياز صادق جي وڪيل چيو ته منهنجي موڪل تي ڏنڊ وڌو ويو هو ۽ ان خلاف اپيل داخل ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران اياز صادق چيو ته هي سياسي معاملو آهي، ڌانڌلي جا الزام لڳائي منهنجي ڪردار کي داغدار ڪيو ويو، مون کي ڪوڙو چيو ويو، اسپيڪر جي حيثيت سان مون کي گهڻيون ڳالهيون ٻڌڻ گهرجن، منهنجي باري ۾ ڌانڌلي جو تاثر پيدا ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته توهان جو قانوني عمل ڪڏهن به ضايع ناهي ٿيو، اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ڪافي بهتري آئي آهي، اليڪشن ڪميشن به گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرن جو حڪم ڏنو.










