اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن جي شروعاتي تڪ بندين 24 مئي تائين مڪمل ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪ بندين جو ڪم 11 اپريل کان جاري آهي جيڪو 3 آگسٽ تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو.اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب سمورن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪ بندين جو عمل آئين ۽ قانون موجب مڪمل ڪيو ويندو، چئني صوبن ۽ اسلام آباد جي تڪ بندين جي ڪميٽين جي تربيت جاري آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تڪ بندين لاءِ لاڳاپيل ادارن کان نقشا ۽ ٻيو ڊيٽا حاصل ڪيو ويو آهي، تڪ بندين لاءِ تڪ بنديون ڪيون وينديون.










