اي آئي ۽ آئي ٽي معيشت کي نئون رخ ڏين پيا: ڊار

اي آئي ۽ آئي ٽي معيشت کي نئون رخ ڏين پيا: ڊار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مصنوعي ذهانت ۽ آئي ٽي پاڪستاني معيشت کي نئين شڪل ڏئي رهيا آهن.ڊجيٽل فارين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جديد دور جي ضرورت آهي.اسحاق ڊار چيو ته عالمي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ ڊجيٽلائيزيشن ضروري آهي، پاڪستان وٽ عالمي معيار جا ڊجيٽل ماهر آهن.هن چيو ته ڊي ايف آءِ ڊي فورم پاڪستان ۾ آئي ٽي شعبي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي، اڄ دنيا ۾ ڊجيٽل معيشت ترقي ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو