ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍي 11 ۾ مڙس زال کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ٿاڻي تي پهچي ويو، عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.عدالت ۾ پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي، واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪرڻ ۽ جوابدار جو ڏوهاري رڪارڊ چيڪ ڪرڻو آهي. پوليس موجب، عورت کي گهريلو جهيڙن جي ڪري لوهه جي راڊ سان قتل ڪيو ويو. ڊيوٽي آفيسر موجب، جوابدار ذاتي دشمني/رنجش تي زال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. جنهن تي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ موقعي تان قتل ۾ استعمال ٿيل لوهه جي راڊ به برآمد ڪري ورتي. مقتولہ چئن ٻارن جي ماءُ هئي، جن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون شامل آهن. واقعي وقت گهر ۾ ڪو به ٻيو ڀاتي موجود نه هو.










