انگلينڊ جي ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي بدترين شڪست

انگلينڊ جي ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي بدترين شڪست

پورٽ ايلزبٿ (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي ٽئين ٽيسٽ ۾ هڪ اننگ ۽ 53 رنز تان شڪست ڏئي 4 ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. انگلينڊ جي ڪپتان جو روٽ چيو آهي ته اها اسانجي ٽيم جي وڏي ڪاميابي آهي پهرين اننگ ۾ وڏو اسڪور ڪرڻ ۽ بعد  بائولنگ جي ڪاميابي سبب اسين ڏکڻ آفريڪا کي هارائي وياسين. اسانجي نوجوان اوپننگ بيٽسمينز زيڪ ڪرالي ۽ ڊوم سبلي جي مضبوط ڊبل سينچري پارٽنر شپ ۽ بين اسٽوڪ جي 120 رنز سبب 499 تي 9 آئوٽ ٿيڻ بعد اننگ ڊڪليئر ڪئي. جنهن بعد ڏکڻ آفريڪا کي پهرين اننگ ۾ 209 ۽ ٻئي اننگ ۾ 237 تي آئوٽ ڪري ورتو.

انگلينڊ جي ڪپتان جو روٽ کي آئوٽ ڪرڻ بعد ربادا جي حرڪت سبب آخري ميچ ۾ مٿس پابندي

روٽ جو چوڻ هو ته مين آفي دي ميچ اولي پوپ جي زندگي جي پهرين سينچري 135 ناٽ آئوٽ ۽ آف اسپنر ڊوم بيس جي پهريون ڀيرو پهرين اننگ ۾ 5 وڪيٽون وٺڻ سبب اسانجي جيت يقيني بڻجي وئي. ڏکڻ آفريڪا جي 8 ٽيسٽ ميچز ۾ اها ستين شڪست آهي. سندن بيٽسمين مهاراج 71 رنز ۽ ڊين پيٽرسن 39 رنز کانسواءِ ڪو به بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو. ياد رهي ته ڪرسمس کان اڳ انگلينڊ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ نيوزيلينڊ کان شڪست کاڌي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو