ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪنڌڪوٽ انڊس ھائيوي تي تيزرفتاري سبب موٽرسائيڪل، ڊاٽسن پڪ اپ۽ ويگو گاڏي ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو. جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل۽ ويگوگاڏي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري پيون. ھڪ عورت ۽ ٻارسميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس چوڪي ويجھي ھئڻ ڪري پوليس انتظاميه فوري طورپهچي زخمين کي علاج لا۽ اسپتال روانو ڪي. حادثي جو شڪار ٿيل ويگوگاڏي تي اين جي او ايڪٽڊ جا ملازم سوار هئا.










