غوثپور (عبدالنبي ملڪ) انڊس ھاءِ وي تي مکواني لاڙو ڀرسان تيز رفتار ڪوچ جو سامھون ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورھين جو نوجوان ۽ مڇي جو واپاري ديدار عرف ملان مور ميراڻي موٽر سائيڪل سميت سنڌ ڍورو شاخ ۾ ڪري پيو. سندس دانھن تي ڀرسان قائم مکواني پوليس پڪٽ جي اھلڪارن کيس شاخ مان ڪڍي موبائيل ۾ کڻائي غوثپور جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو جٿي ڊاڪٽرن سندس حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي سول اسپتال موڪليو پر ھو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. ھوڏانھن پوليس ڪوچ جو پيڇو ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪوچ پنھنجي قبضي ۾ ورتي آھي.










