مانجهند (مهراڻ عمراڻي) سن ويجهو شالماڻي انڊس هاءِ وي تي درگاھ گاجي شاھ جي ميلي تان زيارت ڪري واپسي ڪوٽڙي لڳ ڪارو کهو موٽندڙ زائرين جي سوزوڪي ۽ ڄامشورو سيوهڻ کان طرف ويندڙ مسافر وين ۾ آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ سوزوڪي ڪلٽيون کائي اونهي کاهي ۾ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ سوزوڪي سوار هڪ ڄڻو 45 ورهين جو چنيسر کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت سوزوڪي سوار نواز علي کوسو، يار محمدکوسو، پوڙھو کوسو، علي شير کوسو، معشوق کوسو، دوست علي کوسو، مسمات زهره کوسو ۽ صاحبه کوسو جڏهن ته وين سوار وزير علي، شيخ نظام، منصوربروهي، ريشمان، فرزانه بروهي ۽ ڪيول ڪولهي سميت 20 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ايمبولنس نه هئڻ سبب زخمي ۽ فوتي روڊ تي پيل رهيا جنهن بعد مقامي ماڻھن بروقت سن رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي علاج ۽ بنيادي سهولت جي کوٽ سبب زخمي بيڊ بجاءِ زمين تي تڙپي رهيا هئا جن مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. وڏا ڇڇر پوليس حادثي جي شڪار ٻنهي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










