انڊر گريجوئيٽ غريب ٻارن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام جاري

انڊر گريجوئيٽ غريب ٻارن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعطم عمران خان انڊر گريجوئيٽ نوجوانن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. هن پروگرام هيٺ اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگهندڙ شاگردن کي حڪومت پيسا فراهم ڪندي. 50 سيڪڙو ڇوڪرين کي فنڊز فراهم ڪيا ويندا. احساس پروگرام هيٺ هر سال 50 هزار شاگردن کي اسڪالر شپ فراهم ڪئي ويندي ۽ 4 سالن ۾ 2 لک شاگر فائدو حاصل ڪندا. عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن ملڪ ۾ هڪ مخصوص طبقي جي هڪ هٽي رهي آهي غريب ٽيلينٽيڊ ٻارن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ناهي ملندو.

هن پروگرام سان معاشري ۾ زبردست تبديلي ايندي. هي پروگرام غريب ٻارن لاءِ آهي جيڪي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کي ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏني ويندي. هن پروگرام لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 10 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن پروگرام سان معاشري ۾ وڏي تبديلي ايندي ۽ غريب طبقي کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو