ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ڊالر 96 پئسا واڌ کانپوءِ 287 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿي 291 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 4 پئسا تي بند ٿيو هو.










