ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 2 رپيا 34 پئسا سستو ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 267 رپيا 34 پئسا تي بند ٿيو.اڄ ڪاروبار دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 2 رپيا 34 پئسا سستا ٿي 265 رپيا ٿي وئي آهي.ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات منفي ٿي، جيڪا بعد ۾ مثبت رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 76 پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ 41 هزار 226 تي اچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 150 پوائنٽس تي بند ٿيو.










