ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر ڪجهه پئسا سستو ٿيو هو، جنهن کانپوءِ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 33 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 288 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287 رپيا 63 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 57 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 41725 تي اچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41782 پوائنٽس تي بند ٿيو.










