انسٽاگرام تي وهاج علي جا 3 ملين فالوورز، ڀارت ۾ جشن

انسٽاگرام تي وهاج علي جا 3 ملين فالوورز، ڀارت ۾ جشن

ممبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار وهاج علي جي انسٽاگرام تي 3 ملين فالوورز ٿيڻ تي اداڪار جي ڀارتي مداحن تمام خوبصورت انداز ۾ خوشي جو اظهار ڪيو آهي.انسٽاگرام تي وهاج علي کي 3 ملين فالوورز تائين پهچڻ تي جشن ملهائڻ لاءِ ڀارت جي هڪ اسڪول ۾ شاگردن هڪ ننڍڙي تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ ٻارن اداڪار جا پوسٽر کڻي آيا ۽ ڪيڪ ڪاٽيا.هن واقعي جي وڊيو ۽ تصويرون پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون. جنهن کانپوءِ وهاج علي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي تقريب جي وڊيو ۽ تصويرون شيئر ڪندي پنهنجي ڀارتي مداحن جو شڪريو ادا ڪيو.”هي حوصلا افزائي جو سڀ کان خوبصورت روپ آهي ،“ هن پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو.هن اسڪول انتظاميا کي مخاطب ڪندي لکيو ته ”مان توهان جي ۽ انهن سهڻي ٻارن جي مهرباني لاءِ پاڪستان طرفان هندستان مان ڪو به تحفو موڪلڻ کان قاصر آهيان، پر دل جي گهراين سان دعا ٿو ڪريان ته الله تعاليٰ توهان سڀني کي خوش رکي. آمين

پهنجو تبصرو موڪليو