”ڪرتارپور امن۽ بين المذاهب جي احترام جو عملي ثبوت آهي“

”ڪرتارپور امن۽ بين المذاهب جي احترام جو عملي ثبوت آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريز چيو آهي ته ڪرتاپور ڪوريڊور کولڻ پاڪستان جو امن جي قيام ۽ بين المذاهب احترام جو عملي قدم آهي.  اهڙو اظهار هن ڪرتارپور جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزير پير نورالحق قادري ۽ سکن جي درٻار جي انتظاميه کيس تفصيلي بريفنگ ڏني. انتونيو گوتريز لمس يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏنو جنهن ۾ ٽيڪنالوجي جي استعمال، نصاب جي تبديلي، موسمياتي تبديلين جي تدارڪ ۽ آبادي تي ڪنٽرول تي زور ڀريو. هن هڪ اسڪول جو به دورو ڪيو جتي ٻارڻ کي پوليو جا ڦڙا پياريا. هن چيو ته ٽيررازم کان ٽوئرازم جو پاڪستان جو سفر بهترين آهي.

هن سکن جي گوردواري جو تفصيلي دورو ڪيو جتي سکن جي مذهبي اڳواڻن کيس تحفا پيش ڪيا. هن ڪرتارپور ڪوريڊور کولڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهو پاڪستان جو بهتر قدم آهي. ياد رهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل 4 ڏينهن جي ڊگهي دوري تي پاڪستان آيو آهي. پاڪستان گذريل سال 9 نومبر تي ڪرتار پور ڪوريڊور جو افتتاح ڪيو هو.

Photo Twitter

جنهن بعد روزانو 5000 سک پنهنجي مذهبي مقدس جاءِ جو روزانو ويزا فري دورو ڪندا آهن. پاڪستان ايندڙ وقت ۾ ان کي وڌائي 10هزار ماڻهن جي روزانو وزٽ کي يقيني بنائڻ چاهي ٿو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل افغان پناهگيرن جي 40 سالن تائين ميزباني ڪرڻ بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي.تنهن گذريل ڏينهن عالمي برادري تي زور ڀريو هو ته هو افغان پناهگيرن کي واپس وطن موڪلڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

Photo Twitter, Good will ambassador for refugees

هن چيو هو ته پاڪستان محدود وسيلن هوندي به 50 لک افغانين جي 40 سالن کان ميزباني ڪري کلي دل جو ثبوت ڏنو آهي ۽ سندس جيتريبه تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. هو ڪرتارپور کانپوءِ لاهور ۾ تاريخي جايون پڻ ڏسندو. ڪرتارپور ڪوريڊور 400 ايڪڙ کان وڌيڪ ايريا تي قائم آهي ۽ اصل 4 ايڪڙن تي مشتمل گوردواري کي 42 ايڪڙن تائين ڦهلايو ويو آهي. سک مذهب جي باني گرو نانڪ زندگي جا آخري ڏينهن هتي گذاريا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو