انتظاميه جي نااهلي،پاڻي نيڪال نه ٿيو،شهري جنازو گندي پاڻي ۾ کڻي وڃڻ  تي مجبور

انتظاميه جي نااهلي،پاڻي نيڪال نه ٿيو،شهري جنازو گندي پاڻي ۾ کڻي وڃڻ تي مجبور

سجاول ( ن سنڌيار) سجاول ٽائون ڪميٽي انتظاميا بدترين ڪارڪردگي جو مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻجي وڃڻ سبب وارڊ نمبر 9 مان جنازو گٽرن جي گندي پاڻي مان گذاري قبرستان تائين پھچايو ويو. سجاول جي وارڊ نمبر 5,8، 9 ۽ 10 ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻجي ويو آهي. گذريل ٽن مهينن کان ڄاڻايل وارڊن مان برسات جو پاڻي نه نڪري سگھيو آهي. ٽائون ڪميٽي انتظاميه جي نااهلي سبب شهري جيئندي ته بنيادي انساني سهولتن کان به محروم آهن پر مرڻ کان پوءِ به کين سڪون نه ملي سگهيو آهي. شهري پنهنجن پيارن جا جنازا عزت ڀرئي طريقي سان قبرستان کڻي وڃڻ بجاءِ گٽرن جي گندي پاڻي مان گذري قبرستان پھچائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن شهري گلزار ميمڻ، مٺو ميمڻ جي ماءُ ۽ واپاري حافظ عبدالڪريم ميمڻ، عزيز احمد ميمڻ ۽ پرائمري ٽيچرس ايسوسي ايشن جي دڙي جي اڳواڻ ابل جاني ميمڻ جي سس جو جنازو گندي پاڻي مان گذاري قبرستان پهچايو ويو. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي شهرين پاران ٽائون ڪميٽي انتظاميه جي بدترين ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. شهرين ڊاڪٽر دين محمد ميمڻ، ماما عبدالغفور، عبدالقادر، منور ميمڻ، لڌو ميربحر، شير محمد سولنگي، محبوب، شريف ملاح، قادر سمون، قربان علي ميربحر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي انتظاميه جي بدتر ڪارڪردگي ۽ وارڊ نمبر 5، 8، 9 ۽ 10 جي گٽر سسٽم وارو نظام ناڪاره بڻجڻ سبب گذريل ٽن مهينن کان عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. هنن چيو تہ اسان جي وارڊن جي گلين ۽ گهرن ۾ ٽي کان چار فوٽ پاڻي جمع ٿيل آهي پر انتظاميا نااهلي جي حد ڪري ڇڏي آهي۔ هنن سنڌ حڪومت، ايم اين اي اياز شاهه شيرازي ۽ ڊي سي سجاول کي وٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته وارڊ نمبر 5، 8، 9 ۽ 10 جي ڊرينيج سسٽم کي بهتر ڪري هن مستقل مسئلي مان نجات ڏياري وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو