اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته لانگ مارچ ۾ عوام جو وڏي انگ ۾ اچڻ امپورٽيڊ سيٽ اپ جي خلاف ۽ حقيقي آزادي جي حق ۾ ريفرنڊم آهي ٽيوٽر تي لانگ مارچ جي حوالي سان تصويرون شيئر ڪندي هن چيو ته هن وقت ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي آهي جڏهن ته واضح طور ڏسي سگهجي ٿو ته رڳو 8 مهينا اڳ عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو.










