ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملازمن جي پراڻي عمر جي فائدن واري اداري (EOBI) جي هيڊ آفيس ڪراچي جو اڄ باضابطه دورو وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ڪراچي جي ميمبر انچارج / صوبائي ڪوآرڊينيٽر جناب امير احمد شيخ طرفان ڪيو ويو. هن سان گڏ جناب راشد احمد شيخ، ڊائريڪٽر ۽ جناب تقي محمد سومرو، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر پڻ موجود هئا۔معائني واري ٽيم جو پُرتباک آجيان ڊاڪٽر جاويد اي شيخ، قائم مقام چيئرمين EOBI طرفان ڪيو ويو۔ دوري دوران EOBI جي عملدارن معائني واري ٽيم کي ادارتي آئيني ذميوارين بابت بريفنگ ڏني، جيڪي آرٽيڪل 38 (ج) تحت ڏنل آهن ۽ EOBI ايڪٽ 1976 موجب آجرن ۽ ملازمن جي رجسٽريشن، شراڪتن جي وصولي، فنڊ جو انتظام ۽ پنشن جي ادائيگي شامل آهن۔اهم ڪارڪردگيون هيٺ ڏجن ٿيون:سڄي ملڪ ۾ 1.15 ڪروڙ ملازمن ۽ 1.5 لک آجرن جي رجسٽريشن.8.5 لک کان وڌيڪ مستحقين کي پنشن ۽ مراعات جي ادائيگي.سالياني شراڪت ۽ سيڙپڪاري مان آمدني 79 ارب رپين کان وڌيڪ.ملڪ جي مختلف حصن ۾ 40 ريجنل ۽ 33 فيلڊ آفيسن جي موجودگي.فقط ڪراچي ۾ 259,924 مستحقين کي فائدا مهيا ڪيا ويا.EOBI ٽيم 2024-25 دوران موصول ٿيل 227 شڪايتن بابت بريفنگ ڏني، جن مان صرف 5 تي عملدرآمد رپورٽون اڃا باقي آهن. EOBI وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ سان مسلسل سهڪار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.جناب امير احمد شيخ قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر جاويد اي شيخ جي هڪ ساله ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو، جن جي نتيجي ۾ پنشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو باضابطه نوٽيفڪيشن اڄ جاري ڪيو ويو، جيڪو 1 جنوري 2025 کان لاڳو ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته هڪ مؤثر حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن ملازمن کي بنيادي اسٽيڪ هولڊر بڻايو وڃي، ۽ انهن کي EOBI جي اسڪيمز بابت ڄاڻ ڏني وڃي، ڇاڪاڻتہ اڪثر ملازم اڃا تائين پنهنجي حقن ۽ سهولتن کان بي خبر آهن. هن اهو به مشورو ڏنو ته اوورسيز پاڪستانين کي به EOBI پنشن اسڪيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تجويزون غور هيٺ آڻيون وڃن.هن زور ڏنو ته EOBI جي ايڊجيوڊيڪيشن ڪاميٽي کي شڪايتن جي فوري نمٽا کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ۽ آن لائن ٻڌڻين کي ملڪ جي هر علائقي ۾ انفرادي ٻڌڻين سان گڏ ترجيح ڏني وڃي، ته جيئن عوام کي جلد رليف فراهم ٿئي. هن آن لائن رجسٽريشن ۽ پنشن جي ادائيگي واري نظام جي بهتري تي پڻ زور ڏنو. جيئن ئي ڪو شخص پنشن لاءِ اهل ٿئي، ته آن لائن پورٹل ۽ ايس ايم ايس ذريعي خودڪار اطلاع موڪلي وڃي، ۽ جيڪڏهن بنيادي نمبر بند هجي ته اطلاع قريب ترين مائٽ جي نمبر تي موڪلي وڃي.ميمبر انچارج / صوبائي ڪوآرڊينيٽر زور ڀريو ته سوشل ميڊيا، ايس ايم ايس، ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي جامع آگاھي مهم هلائي وڃي، خاص طور تي ديهي ۽ غير رجسٽرڊ مزدورن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ، ته جيئن EOB ايڪٽ 1976 جي روح مطابق ادارو پنهنجا فرض ادا ڪري سگهي.










