ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ اميد علي شاه جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وڃڻ ڪري 80 معصوم شاگرد کلي آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور. خبر موجب ٽنڊوباگو لڳ گورنمنٽ پرائمري اسڪول اميد علي شاه جي عمارت 10 سالن کان وٺي زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي. اسڪول ۾ پڙهندڙ 80 شاگرد جن ۾ معصوم نياڻين جو پڻ وڏو تعداد شامل آهي، کلي آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ڳوٺاڻن سيد صاحب خان شاھ، معشوق علي شاه، امين زئور، عزيز قمبراڻي ۽ پنھون ملاح ٻڌايو ته 10 سالن کان وٺي اسڪول جي بلڊنگ صفا زبون حال ٿي وئي آهي، ٽن سالن کان وٺي اسڪول ۾ استاد مقرر نه ڪيو ويو آهي. اسڪول ۾ 80 ٻار پڙهن ٿا، جن کي هڪ ڳوٺ جو نوجوان مفت ۾ پڙهائي ٿو. ڳوٺاڻن وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو ڊي اي او تعليم بدين کان گهر ڪئي ته اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري معصوم شاگردن جي تعليم بچائي وڃي.










