اميد ته نئين فوجي قيادت باجوا جي اپائن کان پري رهندي، خان

اميد ته نئين فوجي قيادت باجوا جي اپائن کان پري رهندي، خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيرعظم عمران خان چيو آهي ته اميد ته فوج جي نئين قيادت جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جي گذريل 8 مهينن ۾ ورتل اپائن کان پاڻ کي پري رکندي. اعظم سواتي جي گرفتاري ۽ ساڻس ٿيندڙ سلوڪ تي پوري قوم صدمي ۾ آهي. خيبر پختونخواه جي پارلياماني پارٽي کي ويڊيو لنڪ تي خطاب ۽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان م هن اعظم سواتي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته 74 سالن جي سينيٽر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، تنقيد ڪرڻ جي جمهوريت ۾ اجازت هوندي آهي. هن چيو ته اعظم سواتي کي گرفتار ڪرڻ وارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته اسين ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪنداسين. هن چيو ته اسين ملڪ م اليڪشن چاهيون ٿا، حڪومت جيڪڏهن اليڪشن جي تاريخ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ته اسين تيار آهيون. جيڪڏهن هلندڙ مهيني تائين تاريخ طئي نه ٿي ته اسين پنجاب ۽ خبر پختونخواه جون اسمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين جنهن بعد امپورٽيڊ حڪومت پاڻ ئي چونڊن لاءِ مجبور ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو