اميد آهي عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿيندي، شاهه

اميد آهي عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿيندي، شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته مان پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته اسان پنهنجو مدو پورو ڪنداسين، ايندڙ سال گهڻو بهتر هوندو، جيڪو پوکيو ويو سو لڻڻ جو هاڻي وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدات وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽائڻ ۽ ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جو ثمر حاصل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم پاڪستان جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ مزار قائد تي حاضري ڀرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اتحادين جي اعتراضن جو جواب ڏيندي سنڌ جي گورنر چيو ته هن وقت ضميرن جي جاڳڻ ۽ سمهڻ جو موسم اچي ويو آهي ۽ اهي ضمير هن موسم ۾ ئي جاڳندا آهن، هن چيو ته سياسي جماعت سان غداري روڪڻ لاءِ قانون سازي ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ووٽ خريدڻ جو الزام درست ناهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي قانون م ترميم جون تجويزون ڏنيون آهن انهن ۾ ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه ناهي. وڏي وزير چيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ تي عمل لاءِ آئين جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سڀني کي آئين تي عمل ڪرڻ گهرجي، 25 تي تحريڪ پيش ٿيندي ۽ 3 کان 7 ڏينهن ۾ ووٽنگ ٿيندي. مونکي يقين آهي ته عدم اعتماد جي رث ڪامياب ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو