نواب شاھ (ن سنڌيار)قومي امن ڪاميٽي جي طرفان پاڪ فوج جي حمايت ۾ ضلعي چيئرمين رسول بخش رند جي قيادت ۾ شاندار ريلي ڪيفي شيراز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي ريلي ۾ مرڪزي چيئرمين محمد اڪرم آرائين ڊاڪٽر غلام حيدر ميمڻ ۽ ٻين عھديدارن ۽ ڪارڪنن ۽شاگردن شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن پاڪ فوج جي حمايت ۾ پاڪ فوج زندہ آباد پاڪستان زندہ باد جا نعرا ھڻيا ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ته پاڪ فوج جي خلاف جيڪا پروپيگنڊا ھلي رهي آھي اھا بند ڪئي وڃي ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاء پاڪ فوج لاء غلط لفظ ڳالهايا پيا وڃن پاڪ فوج کي عزت ڏيو پاڪ فوج جون ملڪ ۽ عوام لاء لازوال قربانيون ڏئي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آھي ۽ پاڪ فوج جي ڪري ئي اسين آزاد ملڪ ۾ جيئون پيا ۽ ملڪ خلاف ٿيندڙ ھر سازش کي پاڪ فوج عوام سان ملي ڪري بينقاب ڪيو آهي










