ام رباب، ’ٽرپل مرڊر ڪيس‘ جا سڀ جوابدار آزاد

ام رباب، ’ٽرپل مرڊر ڪيس‘ جا سڀ جوابدار آزاد

دادو: (ن س) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي، پيءُ ۽ چاچي جي ٽنهي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ويو آهي، سڀني جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي.عدالت ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو، پيءُ مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي هاءِ پروفائل قتل ڪيس ۾ 450 ٻڌڻين کان پوءِ ڪالهه فيصلو محفوظ ڪيو هو.هاءِ پروفائل ڪيس ۾ فيصلي کي نظر ۾ رکندي سيشن جج دادو جي حڪم تي دادو ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. دادو پوليس پاران 6 ڊي ايس پي ۽ 33 ايس ايڇ اوز سميت 700 پوليس اهلڪار عدالت اندر ۽ مکيه روڊن تي سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.عدالت اندر غير لاڳاپيل ماڻهن ۽ ميڊيا جي داخلا تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي، ڪيس جي پيروي ڪندڙ مدعي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو کي عدالت ۾ پهچائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام پڻ ڪيا ويا ، ام رباب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حوصلا بلند آهن هاءِ ڪورٽ وينداسين عوام جي عدالت ۾ کٽي چڪا آهيون ،وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سرداري نظام خلاف ڏينهن ڏٺي 3 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ڪيس ۾ 3 شاهد ۽ طبي ثبوت هئا، اسان جي خيال ۾ اهڙن ثبوتن تي سزا ڏئي سگهجي ٿي، اسان فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو