اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت سنڌ جي درخواست رد

اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت سنڌ جي درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي.اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ چونڊن دوران پوليس جي مقرري کي يقيني بڻائي.

پهنجو تبصرو موڪليو