اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غلط آهي، فواد چوڌري

اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غلط آهي، فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اڄ اليڪشن ڪميشن به چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ناهي.اليڪشن ڪميشن ٻاهران فرخ حبيب سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ن ليگ جي يو آءِ ٻين پاڪستانين کي پنهنجو دشمن ڇو سمجهي رهي آهي، تحريڪ انصاف جي اها فنڊنگ ٻين پاڪستانين جي آهي.هن چيو ته شروع کان اسان جو موقف آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ناهي، هاڻي ايندڙ مرحلو شروع ٿيندو جنهن ۾ ٻڌائينداسين ته 16 اڪائونٽس به قانوني آهن.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪنهن به پارٽي کي عوام کان فنڊ لڪائڻ جو حق ناهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته پارٽي کي رڳو خطرو عوام ۾ مقبوليت وڃائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو