اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي مکيه اپيلن جي ٻڌڻي جو فيصلو ڪري ڇڏيو. عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي معطلي جي درخواستن کي غير موثر قرار ڏئي ڇڏيو. عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي مکيه اپيلن جي ٻڌڻي 7 مئي تي مقرر ڪئي وئي. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي مشتمل ڊويزن بينچ اهو حڪم جاري ڪيو.










