القادر ٽرسٽ ڪيس: بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور

القادر ٽرسٽ ڪيس: بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي. بشرا بي بي عمران خان سان گڏ راولپنڊي جي احتساب عدالت پهتي جتي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.بشرا بي بي کي عدالت ۾ آندو ويو، وڪيل خواجا حارث چيو ته بشرا بي بي کي ڪو به نوٽيس ناهي مليو. احتساب عدالت بشرا بي بي جي 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت بشرا بي بي کي دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ دستخط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو