قاضي احمد (جاويد جتوئي) اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالقدير گجر جي ھدايتن تي سروري ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پرائيويٽ اسڪولن وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذري جنھن ۾ اقراءَ پبلڪ اسڪول پاران گُڊ لڪ ۽ مھراڻ پبلڪ اسڪول کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پھچي وئي. مهراڻ پبلڪ اسڪول پهرين بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 8 اوورن ۾ 68 رنسون ٺاهيون جيڪو اقرا پبلڪ اسڪول بغير ڪنهن نقصان جي ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ پنھجي حوالي ڪيو. ھڪ ٻئي ميچ ۾ گڊ لڪ اسڪول پاران پھريان بيٽنگ ڪندي 3 وڪيٽن جي نقصان تي 8 اوورن ۾ 90 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو اقرا پبلڪ اسڪول 3 وڪيٽن جي نقصان سان 6هين اوور ۾ ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. فيصل مگسي کي 50 رنسون ٺاهڻ عيوض مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جڏهن ته اياز زرداري پڻ 42 رنسون ٺاهڻ ۾ڪامياب رهيو.










