افغانستان، ايران مان ٽماٽا، پياز جي درآمد شروع

افغانستان، ايران مان ٽماٽا، پياز جي درآمد شروع

اسلام آباد(بيورو)افغانستان ۽ ايران مان ٽماٽن ۽ پياز جي درآمد شروع ٿي وئي آهي، رات جو ٽماٽن جي ٽرڪ افغانستان کان باب دوستي ذريعي پاڪستان پهتي.سڪيورٽي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته باب دوستي وٽ ٽماٽن ۽ پياز جا وڌيڪ ٽرڪ ڪليئرنس جا منتظر آهن پر ٽيڪس ادا ڪرڻ کانسواءِ ٽرڪون ڇڏڻ جا حڪم نه مليا آهن.ٻئي طرف ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح 27.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.آلو، ٽماٽر، ڀاڄيون، دال، انڊا ۽ ٻين ضروري شين جا اگهه وڌي ويا آهن. ٽماٽر 52.8 سيڪڙو، دال 15.2 سيڪڙو، ڀاڄين 13.44 سيڪڙو، دال ماش 12.4 سيڪڙو، دال 11.7 سيڪڙو وڌي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو