افغانستان ۾ اسانجو ڪو به فيورٽ ناهي، فوجي ترجمان

افغانستان ۾ اسانجو ڪو به فيورٽ ناهي، فوجي ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي فوجي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان هر هر واضح ڪيوآهي ته پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪوبه فيورٽ ناهي، افغان عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسين نيڪ نيتي سان امن عمل کي اڳتي وڌايون پيا اسين سهولتڪار آهيون ضامن ناهيون. هن چيو ته بندوق جي زور تي فيصلا نه ٿا ٿي سگهن، ايئن هجي ها ته 20 سال اڳ بندوق سان مسئلا حل ٿي وڃن ها، افغان مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻو پوندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر جون افغان صورتحال تي ڳالهيون، ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته هيل تائين آيل خبرن موجب افغانستان ۾ طالبان جي پيشقدمي گهڻي ٿي آهي، افغان فوج اڳڀرائي ناهي ڪئي، هن چيو ته 2611 ڪلوميٽر پاڪ- افغان سرحد تي 91 سيڪڙو ڪنڊيدار تارون لڳائي ڇڏيون آهن، افغان پناهگيرن ۽ دحشتگردن جي اچڻ جو خطرو به آهي، اسنجي بارڊر سيڪيورٽي مئنيجمينٽ به مضبوط آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو، افغانستان ۾ ڀارت جي سيڙپڪاري ٻڏندي نظر اچي ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته افغانستان جي فوج تي ڪافي خرچ ٿيو آهي، آمريڪا سندن ٽريننگ ڪئي آهي، هنن وٽ ايئر فورس به آهي پر هو محطاط نظر پيا اچن. فوجي ترجمان چيو ته طالبان جي دعويٰ 85 سيڪڙو علائقي تي ڪرڻ واري درست ناهي، اسانجي حساب سان 45 کان 50 سيڪڙو تي سندن قبضو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو