افغانستان جو منجمند فنڊ، 7 ارب ڊالر عوام لاءِ جاري

افغانستان جو منجمند فنڊ، 7 ارب ڊالر عوام لاءِ جاري

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي حڪومت افغانستان جي مرڪزي بئنڪ جي منجمد اڪائونٽ مان 7 ارب ڊالر افغان عوام ۽ باقي دهشتگردي جي متاثرن تي خرچ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، جنهن جو تعلق عدالتي فيصلي سان آهي. رائٽرز جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي دستخط ڪري ڇڏيا آهن ۽ افغانستان ۾ معاشي بحران جي خدشي کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو آهي. صدر جو اهو فيصلو انصاف کاتي جي ان منصوبي کان ڪلاڪ اڳ آيو آهي جنهن کي وفاقي جج آڏو پيش ڪيو ويو ته آمريڪي قانون سازن ۽ گڏيل قومن جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا ته جيئن افغانستان ۾ آگسٽ ۾ طالبان جي قبضي کان پوءِ افغانستان جي بگڙيل معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ان جي استعمال بابت ڇا ڪجي.

پهنجو تبصرو موڪليو