ٺل(عبدالنبي شيخ) ڳوٺ محمد اسماعيل کوسو مان اغوا ٿي ويل نينگر حافظ الطاف حسين کوسو بازياب نه ٿي سگهيو آهي،نينگر جي بازيابي لاءِ سندس والد پاران احتجاج جو سلسلو هلندڙ آهي . نينگر جي والد حبيب الرحمان کوسو ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي ست سال اڳ اغوا ڪيو ويو پر هن مهل تائين مغوي کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي مان جوابدارن جي نشاندهي ڪئي پر تنهن جي باوجود پوليس جوابدارن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي. جوابدارن ۾ پوليس عملدار پڻ شامل آهن جنهن ڪري پوليس پنهنجي پٽي ڀائين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي پئي ۽ منهنجي پٽ جي اغوا ڪيس کي رولي ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ حافظ الطاف حسين کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي.










