خانپورمهر(رپورٽ آفتاب سيال) خانپورمهر واسي 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن نوجوانن شعبان ملڪ ۽ خير محمد ملڪ جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ ملڪ برادري ماڻھن جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو، خبرموجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ لوهي واسي اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي بازيابي لاءِ مغوين جي وارثن ۽ ملڪ برادري جي ماڻهن امير بخش ملڪ، امام بخش، مختيار ملڪ، امجد ملڪ، احمد علي ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي م تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته 4 ڏينهن اڳ اسان جا نوجوان جھانپور شريف ويا جتان هو پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا، جن لاء ڌاڙيلن فون ڪري هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوانن جا لاش اماڻڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۔ هنن ٻڌايو ته اسان وٽ کائڻ لاءِ اٽو ناهي هڪ ڪروڙ ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻينداسين، ٻنهي نوجوانن کي بازياب نه ڪرايو ويو ته ڌاڙيل انهن کي ماري ڇڏيندا، هنن وڌيڪ چيو ته 4 ڏينهن گذري ويا آهن پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، اسين مسڪين آهيون محنت مزدوري ڪري گهر هلايون ٿا، اسان ايڏي وڏي ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيندا سين، مظاھرين مطالبو ڪيو ته فوري ٻنهي مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرايو وڃي










