اغوا ناهيان ٿيو، پارٽي مايوس ڪيو آهي، شهريار خان شر

اغوا ناهيان ٿيو، پارٽي مايوس ڪيو آهي، شهريار خان شر

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير ) پي ٽي آء ايم پي اي شهريار خان شر پارٽي کان مايوس ،پي ٽي آء جي سينيٽ اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان، ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي پي ٽي آء وٽ سنڌ لاء ڪو پروگرام ناهي، شهريار شر جو ويڊيو بيان، خبر موجب پي ٽي آء جي پي ايس 18 اوٻاوڙو تڪ تان چونڊيل ايم پي اي شهريار شر پارٽي کان مايوسي جو اظهار ڪندي سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آء اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ شهريار شر چيو ته 50هزار ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر ووٽرن جي ڪم نه اچي سگهيس اسلام آباد وڃي ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم  عمران خان کي پنهنجي علائقي جي عوام جي مسئلن جي حل جي درخواست ڪئي پر ان باوجود ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو شهريار شر چيو ته اسان جي اغوا ٿيڻ بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي پي ٽي آء وٽ سنڌ لاء ڪو به پروگرام ناهي ان ڪري پارٽي کان مايوس آهيون ۽ پي ٽي آء اميدوار کي ووٽ پڻ نه ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو