سکر (جيرام داس ) جيئي سنڌ محاذ پاران شڪارپور کان سکر تائين مذهبي انتهاپسندي، ڌارين جي آبادڪاري، نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ، ھاف فرائي ۽ ڦل فرائي ڪرڻ ۽ مهڪ ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن زوردار نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي سکر پريس ڪلب وٽ وڏي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته گذريل 10 سالن کان سنڌ جي اندر پوليس ملڪي قانون جي ۽ انساني حقن جي سنگين لتاڙ ڪندي فل فراءِ ذريعي سوين بيگناھ نوجوانن کي قتل ۽ هاف فراءِ ذريعي هزارين بيگناھ نوجوانن کي اپاهج بڻايو آھي. ان جو تازو مثال ٺٽو پوليس هٿان بيگناھ شھري رمضان سمون جو قتل ، شڪارپور پوليس هٿان بيگناھ شھري سعيد جکرو جو قتل، ۽ ھاف فراءِ ذريعي دڪاندار محمدحسن تيغاڻي کي اپاهج بڻايو ويوآھي. حق ۽ سچ لکڻ جي پاداش ۾ محرابپور جي بيباڪ بهادر صحافي عزيز ميمڻ کي قتل ڪيو ويو، ڦرون,اغوا,چوريون روز جو معمول بڻيل آھن, شھرين جي جان مال جو تحفظ داءُ تي لڳل آھي,سنڌ ۾ اغوا انڊسٽريز جو راڄ آھي, هن مهل تائين 50 کان مٿي ماڻھو اغوا ٿيل آھن جن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آھي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪهڙي قانون تحت ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ ڪئي پئي وڃي، اعليٰ عدليه کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي واري علائقن مان 50 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا آهن، جڏهن ته جيڪب آباد جي مهڪ ڪماري کي نظر بند ڪيو ويو آهي جيڪو غير قانوني عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي،هن چيو ته حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندڙ صحافي عزير ميمڻ جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، عزير ميمڻ قتل ڪيس ۾پوليس هن وقت تائين ڪي به قدم ناهن کنيا، اسان چيف جسٽس آف سنڌ، ۽ موجوده حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ سميت سنڌ ۾ جاري لاقانونيت ۽ بي گناهه قتل عام خلاف نوٽيس وٺي شهيد ٿيندڙن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.ان موقعي تي چاچا عزيز ﷲ ڀٽو، ممتاز بروهي، عابد حيدري، سجاد سولنگي، اسدﷲ سومرو، عمران منگي نذير شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته ريلي ۾ سکر پوليس رڪاوٽون وجهي جسم ڪارڪنن کان لائوڊ اسپيڪر ۽ موبائل فون پڻ ڦريا.










