اعظم سواتي جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ،ڪوئيٽا پوليس حوالي

اعظم سواتي جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ،ڪوئيٽا پوليس حوالي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ادارن خلاف تڪراري ٽوئيٽس ۽ بيان بازي تي گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.اعظم سواتي کي ضلعي ڪڇي جي جڊيشل مئجسٽريٽ عبدالستار جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.ڪوئيٽا پوليس طرفان سينيٽر اعظم سواتي جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي، جنهن تي عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست منظور ڪري ورتي.ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ قاسم خان سوري چيو ته عدالت اعظم سواتي جو 5 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي، ڇا اعظم سواتي پرڏيهي جاسوس آهي، هن ڇا ڪيو آهي؟قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته بلوچستان کي اهڙين ڪاررواين ۾ استعمال ڪرڻ حسن نه ٿو ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو