اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بلوچستان پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب بلوچستان پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي کي گرفتار ڪري ڪوئيٽا منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي کي ڪچلاڪ جيل ۾ رکيو ويندو.










