لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب مان پي ٽي آءِ جي اعجاز چوڌري جي نااهلي سبب خالي ٿيل جنرل سينيٽ سيٽ لاءِ چونڊ 9 سيپٽمبر تي ٿيندي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شيڊول موجب اميدوار 19 آگسٽ کان 20 آگسٽ تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ اميدوارن جي پهرين فهرست 21 آگسٽ تي جاري ڪئي ويندي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 23 آگسٽ تائين مڪمل ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 26 آگسٽ تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن ته اپيليٽ ٽربيونل 28 آگسٽ تائين اپيلن تي فيصلو ڪندو.ترجمان جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 29 آگسٽ تي جاري ڪئي ويندي، اميدوار 30 آگسٽ تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا، جڏهن ته پولنگ 9 سيپٽمبر تي پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيندي ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر ووٽ ڏيندا.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب شريف الله رٽرننگ آفيسر جا فرض سرانجام ڏيندو، جڏهن ته پولنگ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي.










