اسڪولن جا سربراهه  مالي اختيار ڏيئي ڊي ڊي او نامزد

اسڪولن جا سربراهه مالي اختيار ڏيئي ڊي ڊي او نامزد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي سرڪاري اسڪولن کي مالي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ اسڪول سربراهن کي مالي اختيار ڏيئي ڊي ڊي او نامزد ڪري ڇڏيو، وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي “اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ” قدمن جي سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي سنڌ 31,633 اسڪولن جي سربراهن کي فنڊن جي استعمال لاءِ ڊرائنگ اينڊ ڊسبرسنگ آفيسر (ڊي ڊي او) نامزد ڪري ڇڏيو آهي۔ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته “اسڪول سربراهه اسڪولن جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪاري ذميواري کي سماجي ذميواري طور نڀائين.” هن واضح ڪيو ته اسڪول سربراهن جي نامزدگي جو مقصد انتظامي نظام کي وڌيڪ مؤثر ۽ آسان بڻائڻ آهي۔ تفصيلن موجب کاتي پاران جاري ڪيل آفيس آرڊر ۾ پرنسپلز، هيڊ ماسٽرز، هيڊ مسٽريسز ۽ انچارج هيڊ ماسٽرز اينڊ ھيڊ مسٽريسز کي ڊي ڊي او مقرر ڪيو ويو آهي۔ اسڪولن کي جاري ڪيل فنڊ لاڳاپيل ڪاسٽ سينٽرز هيٺ استعمال ڪيا ويندا۔ مالي سال 2025–26 لاءِ سمورا فنڊ قانوني ۽ ضابطن جي گهرجن کي پورو ڪرڻ کان پوءِ خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته ان تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ 30 جون 2026 تائين ڊي ڊي او شپ تبديل نه ڪئي ويندي۔ اسڪول سربراهه جي رٽائرمينٽ يا وفات جي صورت ۾ نئين سربراهه جي نامزدگي کاتي پاران فوري طور ڪئي ويندي۔ موجوده ڊي ڊي اوز پنهنجي عهدي تي رهندي مالي اختيار استعمال ڪرڻ جا پابند هوندا ته جيئن اسڪولن جا معاملا بروقت حل ٿي سگهن۔اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي سنڌ ڊي ڊي اوز جي فهرست ويب پورٽل تي پڻ اپلوڊ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان ضلعي ٽريزري آفيسون ڊي ڊي او چارج جي سڌي تصديق ڪري سگهنديون ۽ اسڪول سربراهن کي انتظامي سهولت حاصل ٿيندي۔ واضح رهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو اسڪولن کي مالي اختيار منتقل ڪندي “اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ” تحت 18 ارب 67 ڪروڙ رپيا جاري ٿي چڪا آهن۔ انهن فنڊن جون سموريون تفصيلون پڻ کاتي جي ويب پورٽل تي جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن عوامي نگراني ۽ فنڊن جي استعمال ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو